اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏنگي ?? ڀنڊار ٻيٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ملڪيت آهن، پورٽ قاسم اٿارٽي جي قانون موجب اهي وفاق جو حصو آهن، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيوريج، سولڊ ويسٽ ۽ پاڻي جي سپلاءِ چار وڏا مسئلا آهن، ايتريون حڪومتون آيون پر ڪراچي جا مسئلا گهٽ نه ٿيا، وزيراعظم عمران خان پاران ڪراچي جي ترقياتي جي لاءِ پئڪيج سان مطمئن آهيان، سڄي ذميواري وفاق کڻي ته پوءِ صوبائي حڪومت جي ڪهڙي ذميواري رهجي ويندي. نجي ٽي وي چيبنل کي خاص انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته احتجاج ڪرڻ مخال?? ڌر پارٽين جو حق آهي، پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن ??هي، مخال?? ڌر پارٽين جي گذريل سال لانگ مار?? سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهتو، مخال?? ڌر جي مار?? سان ڪورونا وڌڻ جوخطرو آهي، انهن کي مشورو آهي ته ماسڪ پائي احتجاج ڪن.