اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي لاءِ تعميراتي سر??رم??ن جي اهميت کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي آهي ته حڪومتي اجازت نامن ۽ ٻين لاڳاپيل ڪاررواين ۾ ڄاڻي واڻي دير نه ڪئي وڃي ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ منظورين جو عمل آسان بڻايو وڃي. هو هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار ڊا??ٽر ع??رت حسين، خاص مددگار شهباز گل، وفاقي ۽ صوبائي ??يڪ??يٽريز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته تعميراتي منصوبن کي گئس ۽ بجلي جي جلد فراهمي جو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، سرويئر جنرل آف پاڪستان اجلاس کي ڪيڊسٽرل ميپنگ جي حوالي سان بريف ڪيو ويو.