اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته صوبن جي حمايت سان نظرثاني ذريعي 18 ترميم بهتر ٿي سگهي ٿي، وسيلن جي حوالي سان اختلاف معمول جو حصو آهن، عمران خان جي ڪرپشن جي خلاف جنگ جاري آهي، پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت اسڪينڊلز جي جاچ عام ڪئي، ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ع??دا??اضحيٰ تي اجتماعي قرباني جو اهتمام ٿيڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي کي پنهنجي ا??ٽرويو ۾ صدر چيو ??ه ع??دا??فطر ۽ ت??او??ح جي حوالي سان عالم سڳورن ۽ ٻين سمورن حصيدارن جي مشاورت سان ايس او پيز طئي ڪيا، ان سلسلي ۾ مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا ويا ۽ اتفاق راءِ سان ايس او پيز جوڙيا ويا. بعد ۾ ٻي دنيا به اهي ا??س او پيز اختيار ڪيا، ان حوالي سان پاڪستان قائداڻو ڪردار ادا ڪيو ??هي. صدر چيو ??ه ڪورونا کان بچاءُ سان گڏوگڏ ماڻهن جي معاشي ذريعن جو خيال رکڻ جي لاءِ به صحيح فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ??ه گذريل ٻن هفتن کان ڪورونا جي ڪيسن ۾ اضافي جو رجحان رڪجي ويو ??هي، الله جو وڏو احسان اهو آهي ته اسان وٽ ايترو وڏو بحران پيدا نه ٿيو، جنهن جا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا. صدر چيو ??ه ع??دا??اضحيٰ جي تيارين جي سلسلي ۾ ضروري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪوشش ڪئي وڃي ته ان صورتحال ۾ اجتماعي قربانين جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ رش کان پاسو ڪرڻ گهرجي، عيد جي نماز جي لاءِ سماجي فاصلي ۽ ٻين ضروري ا??س او پيز جي سختي سان پيروي ڪئي وڃي. مون کي ا??يد آهي ته ع??دا??اضحيٰ ۽ محرم الحرام جي موقعي تي خصوصي احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته اسان ڪورونا کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿي وينداسين.