اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??ان ايران جي پاڪستان ۾ مقرر س??ير مهدي هنردوست الوداعي ملاقات ڪئ?? جنهن ۾ ميڊيا، فلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي شخصيتن ثقافتي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ڇو ته ٻنهي ملڪن وٽ عالمي سطح تي پيش ڪرڻ جي لاءِ عظيم قومي ورثو، روايتون ۽ قدر مو??ود آهن.