اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري شين جي ??يمتن کي ضابطي ۾ رکڻ تي ??اص ڌيان ڏ??ي رهي آهي، نوجوانن کي روزگار جي ??راهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ ??نصاف جي ??ومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.