پشاور – 28 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڌارن واري نظام ۾ رڪاوٽ ??ڻجندڙ اسٽيٽس ڪو جي مزاحمت جي خاتمي جي عزم جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي مختلف شعبن ۾ سڌارن جو عمل جاري رهندو، 2019ع مشڪل سال هو، ??ين??ڙ سال معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لحاظ کان بهتر هوندو، سرڪاري اسپتالن ۾ پرڏيهي ملڪن جي طرز تي جديد نظام متع??رف ڪرائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس پشاور ۾ اتر آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن، دل جي ب??ما??ين جي ماهرن جي تنظيم ”اپنا“ ۽ خيبر ميڊيڪل ڪاليج جي ايلومينائي ايسوسيئيشن جي 42 هين سالياني ونٽر ميٽنگ جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران ڪيو.