راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متوازن حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي کولڻ سان ماڻهن کي روزگار جا موقعا به ??لن??ا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??سپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، س??اجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪيج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ماڻهن ۾ اميد پ??دا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ??م ٿي رهيو آهي.