اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي ۽ بنيادي ضرورت جي شين جي قيمتن جي حو??لي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ صنعت واري وزير حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، واپ??ر واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري سيڪريٽري، فوڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين شرڪت ڪئي. چئني صوبائي چيف سيڪريٽرين، گهرو سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.