اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته پاڪ – سعودي لاڳاپا سدائين وانگر مضبوط ۽ مستحڪم آه??، اسان تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آه??ون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل اسلامي قدر رکندڙ آه??، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو تعلق هڪ دلين جو رشتو آه??. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي عو??م خادمين الحرمين الشريفين جو بي حد احترام ڪري ٿي، هن چيو ته اسان شهزاده محمد بن سلمان جي ويزن 2030ع کي ساراهيون ٿا، اهو موجوده دور جي گهرجن سان هم آه??گ آه??.