اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رسول اڪرم ﷺ جي ذات پاڪ حق جو ??يغام آهي، ان جي روشني ۾ اسان اڳتي وڌنداسين، عشره رحمت اللعالمين جي تقريبن جي موقعي تي ”پيغام پاڪستان“ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ممڪن بڻائي رهيا آهيون جيڪو رواداري ۽ برداشت تي ٻڌل هجي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن مذهبي م??ام??ن واري وفاقي وزير پير نور الحق قادري سان گڏ 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي تقريبن جي حوالي سان انتظام?? جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به موجود هو. اطلاعات واري وزير چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه ۽ سندس تعليم پوري معاشري جي لاءِ عملي نمونو آهن، اسان کي سيرت طيبه کي عملي طور تي پنهنجي زندگين ۾ اختيار ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته اسان پنهنجي زندگين کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ موجب بڻائي مسئل?? جو حل ڪڍي سگهون ٿا. هن اجلاس کي ٻڌايو ته عشره شان رحمت جي سلسلي ۾ مذهبي م??ام??ن واري وزارت 20 آڪٽوبر تائين مختلف موضوع?? جو شيڊول جاري ڪيو آهي. هن انهن موضوعن کي نظر ۾ رکندي سيرت ڪا??فر??سن جي انعقاد تي زور ڏنو. وفاقي وزير وزيراعظم جي هدايت موجب 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول شاندار طريقي سان ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جي قيام جو اعلان خوش آئنده آهي، ان اٿارٽي جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو.