اسلام آباد / پشاور – 05 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڊاڪٽر انساني همدردي جي جذبي تحت ماڻهن جي خدمت ڪن، بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، خيبرپختونخواهه جي مي??يڪل شاگردن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي، ج??يد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهول?? ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار خيبر مي??يڪل يونيورسٽي پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان ۽ خيبر مي??يڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءَ الحق شرڪت ڪئي. هن چيو ته 70ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ انساني سرمايو ۽ وسيلا پاڪ??تا?? کان ٻاهر ويا، پاڪ??تا?? کي تعليم يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، هنرمند ۽ تعليم يافته انساني وسيلا ملڪ جي اندر ئي استعمال ٿيڻ گهرجن، پاڪ??تا?? کي ٽيلي ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي. صدر چيو ته ٽيلي ايجوڪيشن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٽيلي ايجوڪيشن جي اهميت وڌيڪ اڀري سامهون آئي، تعليم ۽ علم جو وسيع ذخيرو آن لائين پليٽ فارمز تي موجود آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ سان صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪي صحت جون ضرورتون وڌي رهيون آهن، اينٽي بائيوٽڪس جو ??يرضروري استعمال وڌي رهيو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مي??يڪل شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي سدائين نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، مصنوعي ذهانت سان مي??يڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. صدر چيو ته پاڪ??تا?? کي نرسز ۽ پيراميڊيڪس جي سخت ضرورت آهي، ٽيلي مي??يسن سان مشوري ۽ علاج جي سهولت وڌيڪ آبادي تائين پهچائي سگهجي ٿو، ج??يد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان موت جي شرح گهٽ ڪري سگهجي ٿي، غريب ماڻهو ٽيلي مي??يسن سان علاج ۽ ڊاڪٽر کان مشورو حاصل ڪري سگهي ٿو، حاصل ڪيل علم کي پاڪ??تا??ي معاشري جي ضرورتن موجب ڪرڻ جي ضرورت آهي، ج??يد دور ۾ ترقي جي لاءِ هر شعبي ۾ روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته علاج مهانگو ٿيڻ سان ماڻهو اسپتال وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا، صحت انصاف ڪارڊ جي بهتر قدم سان خيبرپختونخواهه جي عوام کي مفت علاج جي سهول?? ملي آهي. ان کان اڳ صدر خيبر مي??يڪل يونيورسٽي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جو ??فتتاح پڻ ڪيو.