اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت زر??ي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زر??ي منصوبابندي ۾ معاونت، معيار?? ٻج، جديد زر??ي مشينري ?? آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زر??ي شعبي جي ترقي تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، پنجاب جي زر??عت واري صوبائي وزير سيد حسين جهانيان گرديزي ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت زر??عت جي شعبي جي مڪل صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي، آبادگارن کي زر??ي منصوبابندي ۾ معاونت، معيار?? ٻج، جديد زر??ي مشينري ?? آسان قرضن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت آبادگارن جي معاونت سان ايندڙ سالن ۾ زر??ي جنسن جي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم گوجرانوالا ۽ اوڪاڙه جي ضلعن ۾ زر??ي شعبي جي ترقي لاءِ بئنڪنگ سيڪٽر جي ترقياتي مالياتي پروگرام کي ساراهيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جي ڊي پي ۾ 19 سيڪڙو حصي سان گڏ زر??ي شعبو تمام وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ (ايل ايس ايم) يونٽس جي لاءِ خام مال فراهم ڪري ٿو، مجموعي طور تي قومي معيشت ۾ زر??عت جو اٽڪل 60 – 65 سيڪڙو حصو آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايتڪئي ته اهي آبادگارن جي بنيادي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ ۽ انهن جي فصل جي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏين.