اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۾ سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر موهن ويجي وڪرما سان ملاقات ڪئي ۽ سريلنڪا جي شهري سان سيالڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير سريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر کي سيالڪوٽ جي واقعي کانپوءِ حڪومت پاران کنيل قدمن ک??ن آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سيالڪوٽ واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. سيالڪوٽ واقعي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ??ريلنڪا جي هاءِ ڪمشنر حڪومت جي قدمن تي ??طمينان جو اظهار ڪندي چيو ته سيالڪوٽ واقعي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي ??ثر نه پوندا.