اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي ??اص مددگار ۽ پاڪستان علماء ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود ??شر??ي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي، موجوده حڪومت جي ??ؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن، جهڙ??ءَ ريت قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي هئي اهڙ??ءَ طرح سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو. مسيحي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين پاڪستان تحت زندگي گذاريندڙن کي ڪا پريشاني ناهي، اڄ جو ڏينهن قوم کي گڏ ڪري اڳتي وڌڻ جو ڏينهن آهي. هن چيو ته موجوده حڪومتي دؤر ۾ اقليتن کي حق مليا آهن. سيالڪوٽ ۾ هڪ چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي تقريب جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته قومي مسئلن ۽ دهشتگرد??ءَ جو حل قومي ايڪشن پلان ۾ آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي نظرثاني ٿي رهي آهي. گذريل حڪومتن ۾ نيشنل ايڪشن پلان صرف مسجدن جا لائوڊ اسپيڪر لائڻ تي محدود هو، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان هڪ ميٽنگ ڪري چڪو آهي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اي پي ايس سانحو ٿيو هو، ان عزم سان آغاز ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان سڀني جو آهي، اسان پاڪستان جي ??چاءَ ۽ ترقي لاءِ ملي ڪري ڪم ڪنداسين، جهڙ??ءَ طرح قوم اي پي ايس سانحي تي متحد ٿي اهڙ??ءَ طرح ئي سيالڪوٽ واقعي تي قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ توهين مذهب جو 137 شڪايتون آيون، جيڪڏهن ڪو توهين ڪري ٿو ته ان جي ??ڪايت کڻي عدالت ۾ يا پوليس وٽ وڃو، ان حوالي سان قانون موجود آهي، ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ??جازت نه آهي.