اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار کي جديد بڻائڻ جي سخت ضرورت ??هي?? چپ مينوفيڪچرنگ جي لاءِ يونيورسٽي شاگردن کي پنهنجون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻيون پو??ديون، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي اڳتي وڌڻو پو??دو، شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ مائيڪرو ويو، اينٽينا اينڊ سرڪٽس بابت پهرين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري، ڊاڪٽر حماد چيما، استادن، مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ سائنسدانن ۽ ماه??ن کانسواءِ شاگردن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دنيا تيزي سان ترقي ڪري رهي ??هي?? اسان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ دنيا سان گڏ هلڻو پو??دو، پاڪستان ۾ چپ ڊيزائننگ تي ڪم ٿي رهيو ??هي?? ان جي مينوفيڪچرنگ طرف پڻ وڃڻو پو??دو. هن چيو ته چپ ڊيزائننگ ۽ ان جي تياري ملڪ جي سيڪيورٽي جي لاءِ اهميت رکندڙ ??هي?? سائ??ر ??نگين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ دفاعي نظام مضبوط بڻائڻو پو??دو، يونيورسٽين ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ رڳو 10 سيڪڙو شاگرد انٽر کان هايئر ايجوڪيشن طرف وڃن ٿا، اسان جون يونيورسٽيون جيڪو ڪجهه سيکاري رهيون آهن انهن جي مارڪيٽ ۾ کپت گهٽ ??هي?? ملڪي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل ??هي?? شاگردن کي جديد ۽ فني تعليم ڏئي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم ڏيڻ ۽ هنرمند بڻائي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهجي ٿو، پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار ??هي?? ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي. صدر چيو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب ??هي?? دفاعي صنعت کي نسٽ جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ ٻين يونيورسٽين کي پڻ ان عمل جو حصو بڻائڻ گهرجي. صدر چيو ته ليڊرشپ ايهڙي هجڻ گهرجي جيڪا اڳتي جو سوچي، پاڪستان ماضي ۾ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تمام گهڻو پٺتي رهجي ويو پر هاڻي ان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پو??دو. ڪانفرنس کي نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) جاويد محمود بخاري خطاب ڪندي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ صدر جي ويزن ۽ اميدن تي پورو لهندي. هن چيو ته نسٽ ان شعبي ۾ جدت آڻڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ان موقعي تي صدر نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماهرن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.