ڪراچي – 31 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم ناهي ٿيو، حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم ??روع ڪئي آهي. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڪوارٽرز بابت گورنر هائوس سنڌ ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ڪوارٽرز جي اربن ري جنريشن پلان تي وقت سر عملدرآمد شفاف ۽ موثر طريقي سان ٿيڻ گهرجي، گهر ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي بنيادي ضرورت آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ هيٺين طبقي کي گهر جي فراهمي تي ڪجهه به اهم ڪم نه ٿيو. هن ??يو ته حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت گهرن لاءِ رعايتي قرضه اسڪيم ??روع ڪئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ڪوارٽرز ڪراچي جي قابل عمل حل تي هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت ۽ وفاقي ڪابينا کي ساراهيو. صدر کي گذريل اجلاسن جي دوران ڪيل فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جي عملدارن به شرڪت ڪئي.