اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پارليا??ين?? هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته آئون ٽي وي ڏسي حيران رهجي ويس، مون گئس جي مسئلي ??ي ڳالهه ڪئي ۽ توانائي واري وزير سان ڳالهه ڪئي، اسان جو مقصد صوبي ۾ گئس جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئس جي اسڪيمن ??ي ڳالهه ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، هن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.