اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ون??ل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيه?? سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت ج?? سينئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي ڪا??ون??ل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس جي ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ون??ل جي 48 هين اجلاس جي ڪري پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ون??ل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ون??ل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪا??ون??ل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.