اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ بيواهه کي لائيف ان??ورنس ڪليم جي ادائيگي ۾ 7 سال جي غيرضروري دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کي 4 لک 12 هزار رپين جي بيمي ج?? رقم بيواهه کي ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بيواهه کي دير سبب مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ادائيگي ج?? رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت ۾ اضافي کي شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. صدر چيو ته ان??ورنس ڪمپني بيواهه کان معافي وٺي، مالياتي نظام جو رويو تبديل ڪري ۽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. صدر اهي حڪم وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن جي نمائندگي کي رد ڪندي جاري ڪيا آهن. تفصيل موجب مرحوم زاهد الطاف ڀٽي اسٽيٽ لائيف ان??ورنس ڪارپوريشن (ايس ايل آئي سي پي) کان 6 جولاءِ 2007ع ۽ 25 جون 2010ع تي ترتيبوار 212000 رپيا ۽ 200000 رپين جي بيمي جون ٻه لائيف ان??ورنس پاليسيون حاصل ڪيون هيون. 20 مارچ 2015ع تي الطاف ڀٽي جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ سندس گهرواريءَ فوزيه زاهد ڀٽي (شڪايت ڪندڙ) ان??ورنس ڪليم جي ادائيگي لاءِ ان??ورنس ڪمپني سان رابطو ڪيو پر ڪمپني ان بنياد ت?? رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته فوتي بيمي کان اڳ مريض هو ۽ کيس جگر جي بيماريءَ / هيپاٽائيٽس سي جي مرض ۾ مبتلا هو جنهن تي مرحوم جي بيواهه فوزيه زاهد ڀٽي وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، وفاقي محتسب اسٽيٽ لائيف ک?? رقم ادا ڪرڻ ۽ 30 ڏينهن جي ان??ر تعميل جي اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرڻ بدران اسٽيٽ لائيف صدر وٽ محتسب جي فيصلي جي خلاف درخاوست داخل ڪئي. صدر اسٽيٽ لائيف جي نمائندگي کي رد ڪندي ان??ورنس آرڊيننس مجريه 2000ع جي سيڪشن 80 جو حوالو ڏيندي چيو ته پاليسي حاصل ڪرڻ جي ٻن سالن کانپوءِ غلط بياني يا حقيقتون لڪائڻ تي ان??ورنس پاليسي تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي، ايجنسي پنهنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ، ان??ورنس کان اڳ بيماري جي موجودگي بابت ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسٽيٽ لائيف جي پنهنجي فيلڊ آفيسر جي ڳجهي رپورٽ ۾ بيمي شده کي صحتمند قرار ڏنو ويو هو ۽ رڳو منافعو ڪمائڻ جي لاءِ اخلاقي اصولن ۽ همدردي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف فضول بهانن سان ڪم ورتو، غيراخلاقي طريقي سان ادائيگي ۾ دير ڪئي. صدر بيواهه کي دير جي ڪري مالي نقصان کان بچائڻ جي لاءِ ايجنسي کي ان??ورنس ج?? رقم ۾ ناڻي واڌ جي لاڳت به شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.