اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين ۽ نئين سر تعمير جي ڪ??شش?? کي ساراهيو آهي. وزيراعظم سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل عراق جي پرڏيهي وزير فواد حسين ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل آهن. هن عراق سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خوا??ش کي ورجايو. وزيراعظم عراق جي علائقائي سلامتي ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ عراقي حڪومت جي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو. وزيراعظم چ??لي??جز تي ضابطو آڻڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير جي ڪ??شش?? ۾ خاص طور تي عراقي عوام جي ڪ??شش?? کي ساراهيو. وزيراعظم پرڏيهي وزير سان مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن سان گڏوگڏ مسلمان امت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم سڄي دنيا ۾ مسلمانن ۽ اسلامي ملڪن کي درپيش موجوده چ??لي??جز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جي گڏيل قدمن جي اهميت تي زور ڏنو. عراقي پرڏيهي وزير شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي او آءِ سي اجلاس جي شاندار انتظامن کي ساراهيو.