اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته ??سان جي خواهش هئي ته ??مران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏس??دي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته ??وام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي??دي ڪيو. اسد عمر چيو ته ??ڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو ??ڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته ??سيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني ??ڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپ??زيشن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته ??ڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپ??زيشن رد ڪري ڇڏيو. اپ??زيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته ??جلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپ??زيشن قوم ۽ سپريم ڪورٽ ??ي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته ??سان جي خواهش هئي ته ??مران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏس??دي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.