اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو آهي ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. هن اه??ن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايس اين جي پي ايل خيب??پخ??ونخوا جو جنرل مينيجر پُڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڏاک??ي ضلعن خاص طور تي اين اي 35 بنون ۾ سوئي گئس بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڊپٽي اسپيڪر ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي سان ڳالهائيندي چيو ته خيب??پخ??ونخوا جي ڏاک??ي ضلعن ۾ قد??تي گئس جا وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن جنهن مان نه رڳو خيب??پخ??ونخوا پر ملڪ جي ٻين حصن کي به گئس فراهم ڪئي ويندي آهي، تنهن هوندي به انهن ضلعن جي رهندڙن کي گئس جي سپلائي، لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر جهڙا مسئلا درپيش آهن، ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ علائقن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر ۽ سپلائي بابت مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي علي جاويد حمداڻي ڊپٽي اسپيڪر کي قومي اسيمبلي کي ڏاک??ي ضلعن خاص طور تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 جي گئس بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.