اسلام آباد – 11 –; مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حن?? رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وز??ر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزير حن?? رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وزير پاڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جا??ي ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.