اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدار?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ سيڪريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبر?? کي لاهور پريس ڪلب جي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاق?? وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جم??وري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاق?? وزير لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.