اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪ??تا?? جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪ??تا??“ ۾ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي د??تا??يز تي ٻڌل ريزيليئنٽ، ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، ڀارت جو مسلسل پاڪ??تا?? مخالف بيانيو پاڪ??تا?? جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ ان جي ڍٽائي سان ملو?? هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي، ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ?? پاڪ??تا?? جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪ??تا??“ ۾ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي د??تا??يز ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (آر ايف 4) پيش ڪندو، آر ايف 4 پاڪ??تا?? حڪومت جي هڪ اسٽريٽجڪ پاليسي ۽ ترجيحي د??تا??يز آهي جيڪو تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ريزيليئنٽ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندو، ان ۾ بعد از قدرتي آفت جائزي جي بنياد تي نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن، ان ۾ چار اسٽريٽجڪ مقصدن جي چوگرد شعبن ۾ ترتيب ۽ ترجيحيون پيش ڪيون ويون آهن. هن چيو ته آر ايف 4 د??تا??يز ۾ پاليسي فريم ورڪ، مالياتي حڪمت عملي ۽ نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ اداراجاتي انتظام پڻ شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جي گڏيل صدارت ۾ اهو اعليٰ سطحي افتتاحي اجلاس ٿيندو جتي مختلف ملڪن جا اڳواڻ ان جي حمايت ۾ خطاب ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪانفرنس ۾ پنهنجي خطاب ۾ موسمياتي ريزيليئنٽ، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪ??تا?? جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. هن چيو ته هي ڪانفرنس پاڪ??تا?? جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ عالمي برادري جي مسلسل حمايت جو مظهر هوندي. ڀارتي پرڏيهي وزير پاران پاڪ??تا?? تي بي بنياد ۽ فضول الزامن جي سلسلي جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهي بيان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ??تا?? کي بدنام ڪرڻ ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ ناڪامي تي ڀارت جي وڌندڙ مايوسي جي عڪاسي ڪن ٿا، ??اڪ??تا?? سان ڀارت جو جنون ناقابل فهم ۽ کل جوڳو آهي، ڀارت جو مسلسل پاڪ??تا?? مخالف بيانيو پاڪ??تا?? جي سرزمين تي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ ۾ پنهنجي ڍٽائي سان ملو?? هجڻ کي لڪائي نه ٿو سگهي ۽ نه ئي اهو ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي حقيقت کي لڪائي سگهي ٿو. هن چيو ته ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران ڀارت کي پاڻ دهشتگردي، تخريبڪاري ?? پاڪ??تا?? جي خلاف جاسوسي ۾ ملوث ٿيڻ کي بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين جنوري تي پاڪ??تا?? ۽ ڀارت ائٽمي تنصيبات ۽ تنصيبات جي فهرستن سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. 2022ع دوران ڀارت جي ??ير??انوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪندي ترجمان چيو ته ڀارتي فورسز مبينا طور تي 214 ڪشميرين کي قتل ڪيو، انهن مان 57 حراست ۾ آهن يا فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيا ويا، رڳو گذريل هفتي ڄمون جي سڌرا ڳوٺ ۾ هڪ فرضي مقابلي ۾ 4 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، اهڙا ئي اطلاع آهن ته لاشن کي سڃاڻڻ کانسواءِ ساڙيو ويو، اسان انساني حقن جي عالمي مشينري ?? تنظيمن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي ان سانحي جو نوٽيس وڍن. تازن انگن اکرن موجب 4000 کان وڌيڪ ڪشميري والاريل واديءَ ۽ ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي قيدين ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن کي قيد ۾ رکيو پيو وڃي، مزاحمتي اڳواڻ جن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي چيئرمين مسرت عالم ڀٽ، محمد ياسين ملڪ، شبير احمد شاهه، نعيم احمد خان، آسيه اندرابي ۽ انساني حقن جي ناليواري اڳواڻ خرم پرويز جعلي ڪيسن ۾ مسلسل نظربند رهيا، 2002ع ۾ ڪشميرين کي مذهبي آزادي ۽ اجتماع جي حق جو استعمال ڪرڻ کان به روڪيو ويو هو ڇو ته ڀارتي عملدارن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مذهبي اجتماعات ۽ جمعي جي نماز تي بار بار پابندي هنئي، انهن حقن کي ياد رکڻ خاص طور تي اهم آهي اڄ جڏهن اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق جو ڏينهن ملهائي رهيا آهيون. هن افسوس ظاهر ڪيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جا مظلوم ماڻهو ان حق کي استعمال نه ڪري سگهيا، ??ي ڏينهن عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان 74 سال اڳ ڪيل پنهنجي واعدي کي پورو ڪرڻ ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ جي ضرورت جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪ??تا?? گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنا ڪنهن فرق اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.