اسلام آباد– 17 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي العربيه ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو جي حوالي سان وزيراعظم آفيس جي ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم تسلسل سان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پنه??جي ٻطرفن مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ??شم??ر جو بنيادي مسئلو ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته وزيراعظم ڪيترائي ڀيرا رڪارڊ تي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنه??جي غيرقانوني قدم کي واپس نه ٿو وٺي، ان غيرقانوني قدم کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڀارت سان ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري وضاحتي بيان موجب ??شم??ر جي مسئلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڄ??ون ۽ ??شم??ر جي عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وزيراعظم پنه??جي گڏيل عرب امارات جي دوري دوران العربيه نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي اهو موقف بلڪل واضح ڪيو.