اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذم?? ڪندي چيو آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان ??ڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسل??مو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان ??ڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ٿيا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان ??قليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪستان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان ??گاهه ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسل??مو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.