اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو بدترين مثال قائم ڪيو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوال?? سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم وستم ۽ انساني حقن جي بدترين پائمالي ڀارت جو مڪروه چهر?? سڄي دنيا ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته انساني حقن جي علمبردار ملڪ، ادارا ۽ ت??ظيمون ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرائڻ لاءِ ق??م کڻن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رگ آهي ۽ پاڪستان جي سموريون سياسي پارٽيون ان مسئلي جي پرامن حل لاءِ ق??م کنيا آهن. ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي گڏجي وڌيڪ ق??م کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ معصوم هٿين خالي ڪشميرين جي ڀرپور حمايت ڪندا رهندا. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوال?? سان پهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين طرفان آزادي حاصل ڪرڻ ڏنل قربانين لاءِ يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ سمورا پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀرپور جذب?? سان ملهائيندا آهن.