اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت ترڪيءَ ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ڪري ٿو. پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ?? وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پا??ستان فارن آفيس وومين ايس??سي??يشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پا??ستان فارن سروس جي آفيسرن جي گهروارين ۽ پا??ستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿي.