اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذه??ي صحت جي مرضن جي روڪٿام ۽ علاج جي لاءِ سمورين ڌرين بشمول وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ڪم??ونٽي ۽ ميڊيڪل پ??وف??شنلز جي گڏيل ڪوششن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذه??ي صحت سان لاڳاپيل مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته ايتري وڏي آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ رڳو 500 کان 600 ذه??ي صحت جا ماهر دستياب آهن، ذه??ي صحت جي وڌندڙ چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيشنل هيلٿ پ??وف??شنلز جي انگ ۾ اضافي کانسواءِ صحت جي ماهرن جي پڻ تربيت جي ذريعي صلاحيت وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صدر وڊيو لنڪ ذريعي ذه??ي صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪن سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (پي اي پي اي اين اي) جي صدر ڊاڪٽر محمد ذيشان، نيشنل ڪم??شن آف هيومن رائيٽس،ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، پاڪستان سائيڪولوجيڪل ايسوسيئيشن، پاڪستان سائيڪاٽرڪ سوسائٽي، تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو ۽ نيشنل هيلٿ سروسز، ر??گي??ليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ويل ڪارنيل ميڊيڪل ڪاليج ۾ سائيڪاٽري جي شعبي جي چيئر پ??وف??سر ڊاڪٽر ايم وقار عظيم، نيواڊا يونيورسٽي ۾ سائيڪاٽري جي پ??وف??سر ۽ پروگرام ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مجيب شاهد، هيوسٽن ڪي بيلر ڪاليج آف ميڊيسن ۾ سائيڪاٽري جي ايگزيڪيوٽو وائيس چيئر ۽ پ??وف??سر ڊاڪٽر عاصم شاهه، ڊائريڪٽر مسلم مينٽل هيلٿ ڪنسوريشم پ??وف??سر ڊاڪٽر فرح عباسي، هارورڊ ميڊيڪل ا??ڪول جي چائلڊ فيلوشپ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غياله قيوم ۽ يونيورسٽي آف ميسوري اسڪول آف ميڊيسن ۾ پروگرام ڊائريڪٽر ريزيڊنسي اينڊ ايڊڪشن فيلوشپ ڊاڪٽر نعمان اشرف اجلاس ۾ ورچوئل طور شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ذه??ي صحت جي مسئلن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون. اجلاس ۾ بيمارين بابت شعور پيدا ڪرڻ، ماڻهن کي دماغي صحت بابت آگاهي ڏيڻ، ان سان واڳيل منفي تصورن کي ختم ڪرڻ ۽ ذه??ي صحت جي مريضن کي معياري مشاورت ۽ علاج فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. شرڪت ڪندڙن پاڪستان ۾ صحت جي پيشيور ماڻهن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ تربيت تي پڻ زور ڏنو. هنن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ڪوششن کي نتيجاخيز بڻائڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جي وچ ۾ هڪ مرڪزي رابطاڪاري جو طريقيڪار پڻ ضروري آهي. اجلاس ۾ قومي آٽزم پلان تيار ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پمز مان پ??وف??سر ڊاڪٽر رضوان تاج اجلاس کي ٻڌايو ته نيشنل هيلٿ سروسز، ر??گي??ليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پمز ۾ آٽزم سينٽر قائم ڪيو آهي ۽ اهو صوبن ۽ ٻين اسپتالن جي لاءِ هڪ رول ماڊل هوندو. صدر دماغي صحت بابت قدمن جي حمايت ڪرڻ تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ميڊيڪل پ??وف??شنلز خاص طور تي پاڪستاني آمريڪن سائيڪاٽرڪ ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو.