اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي ??هش??گ??دي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ ??هش??گ??دي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا ??هش??گ??دي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي ??هش??گ??دي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳالهه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي ??هش??گ??دي جي خاتمي تعاون، ??هش??گ??دي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو و??و ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف ??ي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين ??هش??گ??دي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين ??هش??گ??دي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي تجربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي ??هش??گ??دي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳالهه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ ??هش??گ??دي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.