اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي شهيدن جي فرض سان لڳاءُ ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا آهن ۽ انهن جي حب الوطني جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 4 مئي تي ديردوني اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر حوالدار سليم ۽ نائيڪ جاويد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي بسم الله جان، سيد رجب ۽ حضرت بلا?? جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪ??ر عارف علوي شهيدن ج?? وطن جي لاءِ خدمتن ۽ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ٿورا مڃيندي انهن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جمي?? جي پڻ دعا ڪئي.