اسلام آباد – 25 – مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سردار اياز صادق جي رهائش??اه?? تي ويو ۽ ساڻس وڏي ڀاءُ سردار مح??ود صادق جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ اسان جون سموريون همدرديون سوڳوارن سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل ڏي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، اعظم نذير تارڙ ۽ مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.