اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڀاڻي جمعي ڏينهن قرآن ڪريم جي ناموس جي ل??ءِ ملڪ گير احتجاج جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني ق??آن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس قوم جي احساسن ۽ جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪندي ق??آن ڪريم جي تقدس جي ل??ءِ پنهنجي پڪي عزم جو اظهار ڪندو ۽ سوئيڊن سميت سڄي دنيا تي زور ڏيندو ته اسلام سميت سڀني مذهبن، مقدس هستين ۽ عقيدن جو احترام ڪيو وڃي. ناموس قرآن اسان جي ايمان جو حصو آهي. سوئيڊن سميت سڄي دنيا ۾ ڪٿي به قرآن جي بي حرمتي ڪنهن به مسلمان ک?? برداشت نه آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا جا سڀئي امن پسند، مذهبي قومون ۽ عالمي ادارا مسلمانن جي دل ڏکائڻ، انهن جي ل??ءِ مقدس، علامتن جي خلاف نفرت پکيڙڻ، اسلامو فوبيا جا واقعا روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. دنيا کي شيطان صفت ڪردارن جي حوالي ڪرڻ عالمي امن جي ل??ءِ خطرو آهي. دنيا کي بي امني، نفرت ۽ انتشار جي جهنم ۾ ڌڪڻ کان روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اهو ئي پيغام ڏيڻ جي ل??ءِ سڀاڻي (جمعي ڏينهن 7 جولا) تي ق??آن ڪريم جي ناموس جي ل??ءِ ملڪ گير احتجاج به ٿيندو. ريليون ڪڍيون وينديون، هر پاڪستاني ق??آن ڪريم جي تقدس جو جهنڊو کڻي پنهنجي گهر مان نڪري ۽ احتجاج ۾ شريڪ ٿئي.