اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل ي??نين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي صدر افض?? بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افض?? بٽ جي والده مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افض?? بٽ جي والده جي لاڏاڻي تي افسوس آهي، افض?? بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي والدين جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نقصان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افض?? بٽ صاحب جي والده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ان موقعي تي مرحومه جي ايصال ث??اب?? درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.