سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بچاءَ وا??ي وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي اڳواڻي ۾ سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سيالڪو?? چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايس سي سي آءِ) جي صدر ۽ ٻين عهديدارن ملاقات ڪئي، وفد آءِ ايم ايف معاهدي جي حتمي منظوري ۽ ملڪ جي معاشي بحالي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪي مفادن لاءِ سخت فيصلن ۾ گڏ رهڻ تي وفد جي ميمبرن ??و شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم کي سيالڪو?? چيمبر کي درپيش مسئلن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم ايڪسپورٽرز کي درپيش مشڪلاتن کي حل ڪرڻ لاءِ ون ونڊو آپريشن سهولت مرڪزن جي قيام ۽ ان سان لاڳاپيل پاليسي جوڙڻ ۽ سيالڪوٽ جي انتظاميه کي قومي شا??را??ن جي تعمير ۽ موجوده شا??را??ن جي مرمت ۽ بحالي جي هدايت ڪئي.