اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳ????هه ٻو??هه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳا??هه ٻو??هه ۾ لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شر??ت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، م??حو??ياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي م??حو??ياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. شر??ت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.