اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ??ه آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اقليتن جي ڏينهن تي قوم جي تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي ا??اگر ڪندي چيو ته اسلام اسان کي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قد??ن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي ا??ڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اقليتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪيو ته اقليتون قومي ترقي جي عمل ۾ پن??نج?? اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.