اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صادق سنجراڻي وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظ?? سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيا. سينيٽ چيئرمين اميد جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت عوامي امنگن موجب نه رڳو اليڪشن ڪميشن جي صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ مدد ڪن??ي پر ملڪي معاشي ترقي جي سفر کي وڌيڪ تيز ڪن??ي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪن??ي ته ان مختصر عرصي ۾ عوامي نمائندن جي اعتماد تي پورو لهي. ان موقعي تي سينيٽر دنيش ڪمار پڻ موجود هو.