اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪي ترقي جي عمل ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قد?? کڻڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو آهي. ”گلوبلائيزنگ وومين انٽر پرينيورشپ 2023ع“ جي موضوع تي ??المي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومتي ??دارن کي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي معاشي حصيداري جي لاءِ سازگار هجي. تقريب جو اهتمام صدر فيصل وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف ڊبليو سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ ڪيو هو. خاتون اول چيو ته مالي مراعتن جي آڇ، صنفي حساس پاليسين کي فروغ ڏيڻ، عورتن جي لاءِ دوستاڻي ۽ هراسمينٽ ڪرڻ کان پاڪ ڪم جو ماحول بڻائڻ ۽ خاص طور تي ڪاروبار سان واڳيل عورتن جي لاءِ قرضن تائين آسان په?? جي لاءِ مڪينزم قائم ڪرڻ اهڙن ڪجهه قد??ن مان آهن جيڪي حڪومتي ??دارن کي کڻڻ گهرجن. هن چيو ته بئنڪون ڪاروباري عورتن کي مالي مدد ۽ مشاورتي ??دمتون فراهم ڪري اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري به ڪاروباري عورتن جي رهنمائي جي خصوصي ذميواري رکن ٿا. هن چيو ته عورتن کي ڪاروبار هلائڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ چيمبرز کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي چيو ته ورڪشاپس، تربيتي پروگرامن ۽ نيٽ ورڪنگ جي موقعن جو انعقاد عورتن کي ضروري مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ ۾ تمام اڳتي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور تي ??ااختيار بڻائڻ سان نه رڳو انهن کي انفرادي طور تي فائدو ٿئي ٿو پر ان جو معاشرن ۽ معيشتن تي ??ه مثبت اثر پوي ٿو. هن چيو ته انٽر پرينيورشپ جي ذريعي اسان عورتن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا ۽ انهن کي مالياتي ??ور تي ??ااختيار بڻائي سگهون ٿا، عورتن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ جي لاءِ گهربل وسيلا ۽ مدد فراهم ڪري اسان انهن کي ان قابل بڻايون ٿا ته اهي نه رڳو پنهنجي پيرن تي ??يهي سگهن پر ان سان اهي اقتصادي ترقي ۾ پڻ مددگار بڻجي سگهن ٿيون. هن پاڪستان ۾ عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ (ايف ڊبليو سي سي آئي) جي ڪوششن کي پڻ ساراهيندي چيو ته ٻين چيمبرز کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم يافته عورتن جي ڪامياب ڪاروباري بڻجڻ جا ا??ڪان وڌيڪ هوندا آهن جيڪي انهن جي انفرادي ترقي ۽ سماجي ترقي ٻنهي ۾ حصو وجهن ٿيون. عورتن جي زندگي ۾ صحت ۽ تعليم جي اهميت جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته عورتن کي معياري تعليم تائين په?? ۽ هنرمندي جا موقعا فراهم ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. هن عورتن ۾ صحت جي مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر ۽ ذهني دٻاءُ شامل آهي. هن چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاتعداد عورتن کي متاثر ڪري ٿو، پاڪستان ۾ اٽڪل 40 هزار عورتون هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار ٿين ٿيون، انهن مان گهڻين فوتگين کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ سان بچائي سگهجي ٿو. دماغي صحت جي حوالي سان هن چيو ته عورتن خاص طور تي ڪم ڪندڙ عورتن کي خاص طور تي ??ٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ڇو ته انهن کي پنهنجي گهر ۽ ڪم جي ذميوارين جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻو هوندو آهي. هن چيو ته عورتن کي ڪم ڪرڻ گهرجي پر پنهنجي خاندانن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته خانداني زندگي ذهني صحت ۽ تندرستي ??و هڪ لازمي بنياد آهي. هن معاشري تي پڻ زور ڏنو ته هو خصوصي ماڻهن جو خاص خيال رکي ۽ انهن کي انهن جا حق ڏي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، انهن جي مالي آزادي کي يقيني بڻائن، موقعن ۽ سهولتن تائين انهن جي په?? کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا جي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انساني حقن بابت نگران وزيراعظم جي خاص معاون مشال ملڪ ان موقعي تي ??طاب ڪندي چيو ته هن بطور عورت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عورتن تي ??ور ڏنو ته اهي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مالياتي ??رگرمين ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) موجب جيڪڏهن مختلف شعبن ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو. ايف ڊبليو سي سي آئي جي صدر روبينه امجد حڪومت تي ??ور ڏنو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عورتن کي ڪاروباري سرگرمين ۾ مڪمل طور تي ??صو وٺڻ جي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪري.