اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، نقصان ۾ ويندڙ سرڪاري ڪارپوريشنز جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪ??و وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي حوالي سان ??عليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري، هوابازي واري وفاقي سيڪريٽري، نجڪاري واري وفاقي سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم کي فيدرل بورڊ آف روينيو ۽ نجڪاري ڊويزن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ??فصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو حڪومتي مشينري جو اهم حصو آهي. هن هدايت ڪئي ته ٽيڪس سڌارن جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا گڏجي ڪم ڪن. هن ٽيڪس ڊاڪومينٽيشن جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ رابطو بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته اهڙيون سرڪاري ڪارپوريشنز جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيون آهن انهن جي نجڪاري جو عمل سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪندي تيز تر ڪ??و وڃي ۽ سموريون وفاقي وزارتون نجڪاري ڊويزن سان مڪمل تعاون ڪن. اجلاس کي ايف بي آر عملدارن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته ايف بي آر حڪومت پاران ڏني ويندڙ 9415 ارب رپيا ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم آهي، جولاءِ 2023ع جي 534 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 538 ارب جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون جڏهن ته آگسٽ 2023ع جي 648 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 669 ارب رپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح وڌائڻ جي حوالي سان ڊيجيٽل قدمن تي ڪم ڪيو پ??و وڃي، ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جي لاءِ ايف بيآر جي ڊيٽابيس کي باقي ادارن سان ڳنڍيو پ??و وڃي، ايف بي آر 10 لک نئين ٽيڪس ڏيندرن کي سسٽم ۾ آڻڻ جي هدف تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هلندڙ سال هڪ لک 82 هزار ن??ان ٽيڪس ڏيندڙ سسٽم ۾ شامل ٿيا آهن، پوائنٽ آف سيلز جو دائرو وڌيڪ شهرن ۽ ريٽيلرز تائين ترجيحي بنيادن تي وڌايو پ??و وڃي، هن سال 20 هزار ريٽيلرز پي او ايس ۾ شام?? ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌا??و ويو ته انٽيگريٽڊ ٽرانزٽ ٽريڊ مئنيجمينٽ سسٽم تي پڻ حڪمت عملي ٺاهي پئي وڃي، ڪسٽمز ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان ??نگل ونڊو کي وڌيڪ سرڪاري دارن سان ڳنڍيو پ??و وڃي. اجلاس کي نجڪاري ڊويزن پاران ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌا??و ويو ته ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان ??موريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن، نجڪاري ڊويزن سرڪاري ڪارپوريشنز جي ڪارڪردگي ۽ سروس ڊيليوري جي بهتري ۽ ان ??والي سان نجي شعبي جي صلاحيتن جي استعما?? ڪرڻ جي لاءِ مثبت رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي.