اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گهٽ لاڳت رهائشي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو غريب ۽ وچولي طبقي ??ي گهٽ لاڳت رهائش تي سبسڊي سان قرض جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم عمران خان سان ه??ئوسنگ واري مملڪتي وزير محمد شبير علي قريشي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ه??ئوسنگ واري وزارت تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳ??رائي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ ڏکڻ پنجاب پئڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.